ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت چيني قونصليٽ تي حملي وارو ڪيس  اي ڪلاس ڪرڻ واري سي ٽي ڊي جي درخواست رد ڪندي حڪم ڏنو آهي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت چيني قونصليٽ تي حملي وارو ڪيس  اي ڪلاس ڪرڻ واري سي ٽي ڊي جي درخواست رد ڪندي حڪم ڏنو آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري 8 فيبروري تائين رپورٽ پيش ڪئي وڃي، سي ٽي ڊي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ٿيو، اسلم اڇو جي مارجڻ جا رڳو اطلاع آهن، جيستائين ڪو جوابدار گرفتار ٿئي ڪيس اي ڪلاس ڪيو وڃي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت چيني قونصل خاني تي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سي ٽي ڊي پاران ڪيس اي ڪلاس ڪرڻ بابت درخواست داخل ڪرائي وئي.

 عدالت سي ٽي ڊي جي درخواست اعتراض واريندي رد ڪندي چيو ته ايتري وڏي واقعي جو ڪيس اي ڪلاس ڪئين ٿا ڪري سگهون؟

عدالت چيو ته پيش ڪيل رپورٽ ۾ ايس پي جو نالو ڇو ناهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي.

سي ٽي ڊي پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي  ته ڪيس ۾ هيل تائين ڪوبه جوابدار گرفتار ناهي ٿيو، جيستائين ڪو جوابدار گرفتار نٿو ٿئي ڪيس داخل دفتر ڪيو وڃي.

سي ٽي ڊي پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو  ته ڪيس ۾ هيل تائين ڪوبه جوابدار گرفتار ناهي ٿيو، جيستائين ڪو جوابدار گرفتار نٿو ٿئي ڪيس داخل دفتر ڪيو وڃي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  اسلم اڇو جا افغانستان ۾ مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن، پر هيل تائين تصديق ناهي ٿي سگهي.

رپورٽ موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان چار ڪلاشنڪوف، 2 آءِ اي ڊي بم، ڊيٽونيٽر، هينڊ گرنيٽ ۽ ڌماڪيدار مادي سميت گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدارن ۾ بلوچ قومپرست اڳواڻ خير بخش مري جي پٽ حر بيار مري جو نالو شامل آهي.

رپورٽ موجب نامزد جوابدارن ۾ ڪيپٽن رحمن گل، ڪمانڊر شيخو، ڪمانڊر منشي، ڪمانڊر شيرول ۽ ٻيا شامل آهن.

عدالت سي ٽي ڊي جي درخواست رد ڪندي حڪم ڏنو آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري 8 فيبروري تائين رپورٽ پيش ڪئي وڃي ………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*