سپريم ڪورٽ وفاق ۽ صوبائي حڪومتن کي آسيه بي بي جي آزادي وقت هنگامن سبب متاثر ٿيل ماڻهن کي هڪ مهيني اندر ادائيگيون ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ وفاق ۽ صوبائي حڪومتن کي آسيه بي بي جي آزادي وقت هنگامن سبب متاثر ٿيل ماڻهن کي هڪ مهيني اندر ادائيگيون ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ آسيه بي بي جي آزادي وقت هنگامن سبب ٿيل نقصانن جي ازالي لاءِ پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي.

ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته هنگامن دوران نقصانن جو ڪاٿو 262 ملين لڳايو ويو آهي، ڪابينا ان ڪاٿي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته ادائيگي جو ڪو پلان جوڙيو ويو آهي يا سڀ ڪاعذي ڪارروائي آهي.

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته اڍائي مهينا گذري ويا آهن پر هيل تائين ادائيگي جو پلان ناهي ڏنو ويو، جيڪڏهن عدالت حڪم نه ڏئي ها ته هي پلان به نه اچي ها، رپورٽون ته ڏئي ڇڏيو ٿا، اهو به ٻڌايو ته ادائيگيون ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿينديون.

گهرو کاتي جي سيڪش آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته هن مهيني ادائيگيون ڏنيون وينديون، جنهن تي سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته هڪ مهيني ۾ مڪمل ادائيگيون ڪري عملدرآمد رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*