سپريم ڪورٽ ٽي وي چينلز کي اشتهارن جي ادائيگي بابت ٻن مهينن ۾ معاملا طئي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ ٽي وي چينلز کي اشتهارن جي ادائيگي بابت ٻن مهينن ۾ معاملا طئي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت کي آگاهي ڏني وئي آهي ته پي بي اي سان گڏجاڻي ۾ اشتهارن جا معاملا طئي ٿي ويا آهن.

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ٽي وي چينلز کي اشتهارن جي ادائيگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالتي حڪم تي ڊي جي انفارميشن پيش ٿيو ۽ عدالت کي ٻڌايو ته پي بي اي عملدارن سان ڪراچي ۾ گڏجاڻي ٿي آهي ۽ اشتهارن واري معاملي تي معاملا طئي ٿي ويا آهن.

چيف جسٽس ڊي جي انفارميشن کي هدايت ڪئي ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجاڻي ڪري ٻن ڏينهن اندر اشتهارن بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي.

عدالت صوبائي حڪومتن کي اشتهارن جي پاليسي بابت نوٽيس جاري ڪندي ڪيس اسلام آباد منتقل ڪري ڇڏيو، ايندڙ ٻڌڻي پرنسپل رجسٽري ۾ ڪئي ويندي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*