چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار  نجي يونيورسٽيز بابت ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پنجاب جي صحت وارِي وزير ياسمين راشد ڪم جاري رکي

چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار  نجي يونيورسٽيز بابت ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پنجاب جي صحت وارِي وزير ياسمين راشد ڪم جاري رکي، کيس استعيفيٰ ڏيڻ جي ضرورت ناهي.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ نجي يونيورسٽيز جي قانوني حيثيت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد عدالت ۾ پيش ٿي.

ياسمين راشد چيف جسٽس کي شڪايت ڪئي ته اوهان جي رمارڪس تي اپوزيشن مون کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهي آهي.

چيف جسٽس، ياسمين راشد ڏانهن مخطاب ٿيندي چيو ته اوهان کي استعيفيٰ ڏيڻ نه ڇڏينداسين، پنهنجو ڪم جاري رکيو، گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، اوهان جو احترام آهي.

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ياسمين راشد جو سمورو ڪيريئر بي داغ آهي، ڪنهن ان خلاف مهم شروع ڪئي آهي، اوهان جو ڪردار واکاڻ جوکو آهي، تعريف ڪرڻ لاءِ اسان کي لفظ ئي نٿا ملن.

چيف جسٽس پاڪستان رمارڪس ۾ چيو ته اسان جي خلاف به مهم هلائي وئي، واٽس ايپ ميسيج موجود آهن پر ان حالتن باوجود ڪم ڪرڻ بند نٿا ڪري سگهون

واضح رهي ته 6 جنوري تي پي ڪي ايل آءِ بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس ڊاڪٽر ياسمين راشد تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو هو ته پنجاب حڪومت ۾ اهليت ئي ناهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*