خانواھڻ ويجهو فاريسٽ کاتي ڪارروائي دوران ٻيلي جي هڪ سئو ايڪڙ زمين تان قبضا ختم ڪرائي

خانواھڻ ويجهو فاريسٽ کاتي ڪارروائي دوران ٻيلي جي هڪ سئو ايڪڙ زمين تان قبضا ختم ڪرائي، فصل کيڙي ڇڏيا، فاريسٽ اهلڪارن جو چوڻ آهي ته آپريشن ۾ ڪوٽ ڊاهي پاڻي جون مشينون به تحويل ۾ ورتيون ويون آهن، جڏهن ته متاثرن ڪارروائي خلاف احتجاج ڪندي آپريشن بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ڊويزنل فاريسٽر آفيسر ضياالدين لغاري ۽آر ايف او دوست محمد دستي جي اڳواڻي ۾ عملي پوليس ۽ ڳري مشنري جي مدد سان ڪچي ۾ڪارروائي ڪئي.

ڪارروائي دوران ٻيلي کاتي جي عملي ٽريڪٽر هلائي زمين تي بيٺل سمورا فصل کيڙي، ڀيلي ڇڏيا.

فاريسٽ آفيسرن موجب آپريشن دوران  زمين تي اڏيل ڪوٽ ڊاهي، پاڻي واريون موٽرون قبضي ۾ورتيون ويون آهن.

 آر ايف او ٻڌايو ته آپريشن دوران هڪ سئو ايڪڙزمين تان قبضا ختم ڪرايا ويا آهن، وڌيڪ530 ايڪڙ زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ تائين ڪارروائي جاري رکي ويندي.

 هوڏانهن متاثرن ڪارروائي دوران سخت احتجاج ڪندي چيو ته هو سالن کان ڪچي جي زمين آباد ڪري ٻچن جو پيٽ گذر ڪري رهيا آهن،بنا اطلاع ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا ناانصافي آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*