مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته جيڪڏهن شهباز شريف يا نواز شريف جِي صحت کي ڪجهه ٿيو ته نقصان جو سڌو سنئون ذميوار  وزيراعظم عمران خان هوندو

 مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته جيڪڏهن شهباز شريف يا نواز شريف جِي صحت کي ڪجهه ٿيو ته نقصان جو سڌو سنئون ذميوار  وزيراعظم عمران خان هوندو.

ڪوٽ لکپت جيل لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته عمران خان جعلي مينڊيٽ ذريعي پاڪستان کان انتقامي وٺي رهيو آهي، مهانگائي ورعج تي پهچي وئي آهي.

هن چيو ته سي اين جي، تيل  ۽ عام واهپي جي شين کانپوءِ عوام لاءِ علاج به مهانگو ڪيو ويو آهي، حڪومت پاران دوائن جي اگهن ۾ ڪيل واڌ جي سخت مذمت ڪيون ٿا.

احسن اقبال چيو ته حڪومت هوش کان ڪم وٺي، اسان حڪومت جي حربن جو  چڱي ريت مقابلو ڪنداسين، شهباز شريف ۽ نواز شريف جي صحت کي ڪجهه ٿيو ته نقصان جا  سڌيءَ ريت ذميوار وزيراعظم، گهرو سيڪريٽري ۽ جيل سپرٽينڊنٽ هوندا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*