سپريم ڪورٽ ايل ڊي اي جي پلاٽن جي ورڇ ڪميٽي ۾ نيب آفيسرن کي شامل ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

 سپريم ڪورٽ ايل ڊي اي جي پلاٽن جي ورڇ ڪميٽي ۾ نيب آفيسرن کي شامل ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انتظاميه نيب جي تلوار ڇو مٿي تي لٽڪائي رهي آهي؟.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ ايل ڊي اي سٽي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پنجاب جو هائوسنگ وارو وزير ميان محمود الرشيد عدالت ۾ پيش ٿيو.

پنجاب جي هائوسنگ واري وزير عدالت کي ٻڌايو ته ايڊن سوسائٽي جا متاثر خوار ٿي رهيا آهن، ڊاڪٽر امجد وارو ڪيس هيل تائين حل ناهي ٿيو ۽ اهو ٻاهر هليو ويو.

عدالت پلاٽن جي ورڇ واري ڪميٽي ۾ نيب کي شامل ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هن ڪميٽي ۾ نيب آفيسرن جو ڪهڙو ڪم اهي، نيب جي تلوار اوهان جو پنهنجي مٿي تي لٽڪائي رهيا آهيو، نيب وڪيلن جي فيس جي ڇنڊڇاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*