جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪومت 6 مهينن دوران ڪرپٽ عنصرن کان هڪ رپيو به ناهي اوڳاڙيو

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪومت 6 مهينن دوران ڪرپٽ عنصرن کان هڪ رپيو به ناهي اوڳاڙيو، 50 لک گهرن جو واعدو ڪندڙن رڳو ٽينٽ لڳائي ڇڏيا آهن.

منصوره لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته حڪومت دوائون 15 سيڪڙو مهانگيون ڪري عوام کي علاج جي پهچ کان به پري ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته هڪ ڪروڙ نوڪرين ۽ 50 لک گهرن جو واعدو ڪندڙ حڪومت ڇهن مهينن ۾ ڪجهه ناهي ڪيو، حڪومتي رپورٽن موجب به بيروزگاري وڌي رهي  آهي.

سراج الحق وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم، ڪجهه پيپلزپارٽي ۽ ڪجهه مشرف جا ساٿي آهن، ڪرپٽن عنصرن کان هڪ رپئي جي به اوڳاڙي ناهي ڪئي وئي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*