سپريم ڪورٽ پي ڪي ايل آءِ ۾ گهوٻين بابت ڪيس ۾ ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي استدعا رد ڪندي ڌرين جي وڪيلن کي 16 جنوري تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 سپريم ڪورٽ پي ڪي ايل آءِ ۾ گهوٻين بابت ڪيس ۾ ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي استدعا رد ڪندي ڌرين جي وڪيلن کي 16 جنوري تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

چيف جسٽس پاڪستان ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ ۾ گهوٻين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ڊي جي اينٽي ڪرپشن  گهوٻين بابت رپورٽ پيش ڪئي.

ڊي جي اينٽي ڪرپشن حسين اصغر ٻڌايو ته پي ڪي ايل آءِ فاسٽ ٽريڪ جو پراجيڪٽ هو، ان ڪري قانون جي سنگين ڀڃڪڙي ٿي، اداري ۾ ڊاڪٽرن کي ڳرا معاوضا ڏنا ويا.

ڊي جي اينٽي ڪرپشن چيو ته منصوبو گذريل سال ڊسمبر۾ مڪمل ٿيڻو هو پر نه ٿي سگهيو، پراجيڪٽ ۾ مس ڪنڊڪٽ ٿيو، جنهن ۾ سرڪاري آفيسر ملوث آهن.

ڌرين جي وڪيلن اعتزاز احسن ۽ ڊاڪٽر سعيد اختر دليل ڏيندي چيو ته فرانڪ آڊيٽر رپورٽ ۾ مس ريڊنگ کي بنياد بڻائي رپورٽ پيش ڪئي، کين اينٽي ڪرپشن جي رپورٽ ناهي ڏني وئي.

چيف جسٽس وڪيل اعتزاز احسن ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جواب داخل ڪرائي ڇڏيو، جنهن تي وڪيل چيو ته اسان جواب داخل ڪرائي ڏيون ٿا پر ڪيس داخل نه ٿئي.

ججز رمارڪس ۾ چيو ته ايف آءِ آر ڇو نه داخل ٿئي، اسان اينٽي ڪرپشن کي چئون ٿا ته غير قانوني گرفتاريون نه ڪري.

عدالت ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي استدعا رد ڪندي ڌرين جي وڪيلن کي 16 جنوري تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*