نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته مني لانڊرنگ ذريعي پرڏيهه منتقل ڪيل رقم هر صورت ۾ واپس آندي ويندي

نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته مني لانڊرنگ ذريعي پرڏيهه منتقل ڪيل رقم هر صورت ۾ واپس آندي ويندي، نيب جو واسطو ڪنهن سياسي پارٽي سان نه پر پاڪستان سان آهي.

هڪ جاري ڪيل بيان ۾ نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته ميگا ڪرپشن ڪيسز کي انجام تائين پهچائڻ پهرين ترجيح آهي، گذريل سال رڪارڊ ريفرنس داخل ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته ملڪ ۾ بدعنواني ناسور جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي، جنهن جِي پاڙ پٽڻ وقت جي اهم ضرورت اهي، مني لانڊرنگ جي روڪٿام  لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، بدعنواني ذريعي لُٽيل ۽ مني لانڊرنگ ذريعي پرڏيهه منتقل ڪيل رقم واپس آندي ويندي.

جاويد اقبال چيو ته نيب جو سياسيت يا ڪنهن سياسي ٽولي سان واسطو ناهي، اسان جو واسطو رڳو پاڪستان سان آهي، نيب ميگا ڪرپشن ڪيسز کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ جديد ترين ليبارٽري قائم ڪئي آهي، جنهن سان دستاويزن جي سڃاڻپ، موبائيل ڊيٽا ۽ فنگر پرنٽ جي سڃاڻپ ڪري جوڳا ثبوت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

نيب چيئرمين چيو ته ملڪ مان بدعنواني جَي خاتمي لاءِ “احتساب سڀني” لاءِ واري پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهيون، نيب بدعنواني جي خاتمي کي نه رڳو پنهنجي قومي ذميواري سمجهيو پر ڪرپشن فري پاڪستان لاءِ ڪوششون به ڪري رهيو آهي، ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل ۽ ٻين ادارن نيب جي ڪوششن سان پاڪستان ۾ بدعنواني جي شرح ۾ مسلسل گهٽتائي جي واکاڻ ڪئي آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*