سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آصف زرداري ۽ نواز شريف سان معاملا طئي ڪرڻ لاءِ وڏو دٻاءُ آهي

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آصف زرداري ۽ نواز شريف سان معاملا طئي ڪرڻ لاءِ وڏو دٻاءُ آهي پر عمران خان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪا به سوديبازي نه ٿيندي.

جهلم ۾ تقريب کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته ملڪ تي آصف زرداري ۽ نواز شريف مافيا جو قبضو هو، عمران خان حڪومت ۾ اچي عوام جي قبضا مافيا مان جند آجي ڪرائي.

هن الزام هنيو ته آصف زرداري ڪاغذي ڪمپنيون ٺاهي اربين رپيا چوري ڪيا، جڏهن ته نواز شريف ملڪي ناڻي مان پرڏيهه ۾ ڪمپنيون ٺاهيون.

فواد چوڌري چيو ته اهي ماڻهو گوڙ ڪري رهيا آهن، جن ڪرپشن ڪئي، اپوزيشن ڪيتريون به دانهون ڪري احتساب جو عمل هر صورت ۾ انجام تي پهچندو.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته هنڊي يا حواله ذريعي موڪيل رقم جو ڪو به فائدو ناهي هوندو، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي اپيل آهي ته بينڪ ذريعن سان رقم اماڻي وڃي.

فواد چوڌري چيو ته هر شخص چوي ٿو اسيمبلي هلائڻي آهي، ڪجهه ڏئي وٺي معاملو ختم ڪيو پر عمران خان واحد ماڻهو آهي، جنهن ڪڏهن به سوديبازي ناهي ڪئي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*