وارھ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي

وارھ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

پ پ شهيد ڀٽو ڪارڪن ۽ ٻين شهرين نياز حيدري، مراد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري فاضل راهو چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪئي.

 ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سيپڪو جي پرائيوٽ مسترين بجلي جا اڪثر ٽرانسفارمر بند ڪري ڇڏياآھن، جنهن سبب سمورو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي ۽ واٽر سپلا جو پاڻيَ پڻ نه ٿو اچي.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته ايل ايس ۽ ڪلارڪ کي هٽائي، بجلي فراهم ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رهندي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*