واهي پانڌي ۾ هاءِ اسڪول جي شاگردن پاران سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

    

         واهي پانڌي ۾ هاءِ اسڪول جي شاگردن پاران سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

              نائين ۽ ڏهين ڪلاسن جي شاگردن  عبدالله لاشاري، جمشيد جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي نعريبازي ڪئي.

           احتجاج ڪندڙن دانهيو آهي ته سڪول ۾ سائنس، ڪمپيوٽر ليبارٽريز ۽ راندين جون ڪي به سهولتون ميسر ٿيل ناهن، جنهن سبب سندن تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي.

            هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي سائنس ۽ ڪمپيوٽر ليبارٽريز قائم ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*