پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن عوام اسلام آباد تي چڙهائي جو فيصلو ڪري ورتو ته  حڪومت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو

           پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن عوام اسلام آباد تي چڙهائي جو فيصلو ڪري ورتو ته  حڪومت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو.

              پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوٽڙي ڦاٽڪ وٽ اور هيڊ برج ۽ ڄامشورو فلاءِ اوور جو افتتاح ڪرڻ کان پوءِ ڪوٽڙي ۾ سچل گرائونڊ ۾ جلسي کي   خطاب ڪيو.

             ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، پ پ اڳواڻ نثار احمد کهڙو، ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ  موجود هئا.

            بلاول ڀٽو زرداري جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ سان ماٽيلي ماءُ جو سلوڪ ڪري رهي آهي، صوبي جي بجلي، گيس ۽ پاڻي بند ڪري عوام کان پ پ سان محبت ڪرڻ جو بدلو ورتو پيو وڃي.

           پ پ چيئرمين بلاول جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو ڪنهن جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهن، ڀلي توهان سازشون ڪيو پر هر سازش ناڪام ٿي ويندي.

               بلاول ڀٽو زرداري جلسي کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته هي شفاف چوندن ۾ اسان کان نه ٿا کٽي سگهن، توهان اقتدار ته حاصل ڪري ورتو آهي پر عوام جو وقار برقرار رکي نه سگهيا آهيو.

               پ پ چيئرمين جلسي کي خطاب ڪرڻ دوران چيو ته توهان زور آزمايو، اسين صبر آزمائينداسن، ڏسون ٿا آخري فيصلو  ڪنهن جي حق ۾ اچي ٿو.

               سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد ڀٽو عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿو، بلاول پڻ عوام جي خدمت تي يقين رکندو آهي.

               سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته عوام جي خدمت جاري رکنداسين ۽ سنڌ مان تحريڪ شروع ٿيندي، بلاول وزيراعظم بڻجندو.

                جلسي کي پ پ اڳواڻ نثار احمد کهڙو، ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

             پيپلزپارٽي جي جلسي جي موقعي تي سڄي علائقي ۾ حفاظتي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.

              مختلف شهرن کان آيل ڪارڪنن کي تلاشي وٺڻ کانپوءِ  پنڊال ۾اندر ڇڏيو ويو، حفاظتي انتظامن لاءِ وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*