ڳڙهي خيرو ويجهو پوليس ٽن ڳوٺن ۾ڪارروائي ڪندي 10 ڪکاون گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي

ڳڙهي خيرو ويجهو پوليس ٽن ڳوٺن ۾ڪارروائي ڪندي 10 ڪکاون گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهارين جي موجودگي واري اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي،جنهن دوران هٿياربند فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ڪچي طرف فرار ٿي ويا آهن.

پوليس ڳوٺ خان محمد ڏاهاڻي،نظام ڏاهاڻي ۽ ڳوٺ بهار خان ڏاهاڻي تي ڪارروائي ڪري گهر گهر تلاشي ورتي.

ڪارروائي دوران پوليس ۽ هٿياربندن وچ ۾ فائرنگ ڏي وٺ ٿي پئي، ان دوران هٿيار بند فرار ٿي ويا، پوليس 8 ڪکاون گهرن کي باهه ڏئي ساڙئي ڇڏيو.

ڊي ايس پي فهيم احمد فاروقي  موجب ڏوهارين جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران  ڏوهاري فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا، جڏهن ته سندن 8 ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*