صوبائي محتسب اعليٰ سنڌ مبينا حراسمينٽ جو شڪار شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردياڻي فرزانا جمالي ڪيس تي  ٻڌڻي

صوبائي محتسب اعليٰ سنڌ مبينا حراسمينٽ جو شڪار شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردياڻي فرزانا جمالي ڪيس تي  ٻڌڻي فرزانا جمالي جو وڪيل پيش نه ٿيڻ سبب بنا ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي.

 سرڪٽ هائوس نوابشاهه ۾ ٻڌڻي دوران شاگردياڻي فرزانا جمالي، الزام هيٺ آيل ايس ايم بي بي يونيورسٽي جو اڳوڻو وي سي ارشد سليم ۽ ليڪچرار عامر خٽڪ به صوبائي محتسب اعليٰ آڏو پيش ٿيا.

 ڪيس ۾ فريادي يونيورسٽي جي شاگردياڻي فرزانه جمالي درخواست ڪئي ته سندس وڪيل اڄ پيش نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي.

 عدالت درخواست منظور ڪندي ڪيس تي ٻڌڻي 4 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

 ان موقعي تي شاگردياڻي فرزانا جمالي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جو عملو اڳوڻي وي سي کي ساڳيو پروٽوڪول ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته  اڳوڻو وائيس چانسلر ارشد سليم اڄ پڻ يونيورسٽي جي گاڏي تي عدالت آيو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*