ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي قائم  مني چينجر مان هٿيار بند 36 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا

ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي قائم  مني چينجر مان هٿيار بند 36 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ۽ حيدرآباد جي تلسي داس روڊ تان هٿيار بند هڪ واپاري کان ساڍا چار لک رپيا ڦر ڪري ويا آهن.

ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي قائم مني چينچر جي دڪان تان هٿيار بند عملي کي يرغمال بڻائي 36 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن.

پوليس جو چوڻ هو ته مني چينجر تي مقرر سڪيورٽي گارڊ هٿيار دڪان ۾ رکي ٻاهرا نڪتا ته هٿيار بندن پهچي ڦر جي واردات ڪئي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڦر جي واردات وقت سڪيورٽي گارڊن وٽ هٿيار موجود نه هئا، سڪيورٽي گارڊن کي تحويل ۾ وٺي معاملي جي پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

هوڏانهن حيدرآباد جي تلسي داس روڊ تان هٿيار بند ڏينهن ڏٺي جو فروٽ جي واپاري کان ساڍا چار لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن، پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*