ٺارو شاهه ويجهو پرائمري اسڪول بند پيل آهي، جنهن ڪري شاگرد سراپا احتجاج بڻيل آهن

     

              ٺارو شاهه ويجهو پرائمري اسڪول بند پيل آهي، جنهن ڪري شاگرد سراپا احتجاج بڻيل آهن.

               ڳوٺ حاجي قادربخش ۾ ڳوٺاڻن علي اصغر، غلام شبير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاگردن سان گڏ  بند پيل اسڪول آڏواحتجاجي مظاهرو ڪندي نعريبازي پڻ ڪئي.

            احتجاج ڪندڙن دانهيو ته سندن ڳوٺ ۾ قائم ٿيل پرائمري اسڪول گذريل 7 ورهين کان بند آهي، ۽ سوين معصوم ٻارڙن جو مستقبل داءَ تي لڳل آهي.

           هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي تي نوٽيس وٺي  استاد مقرر ڪري اسڪول ۾ درس تدريس جو عمل شروع ڪرايو وڃي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*