سپريم ڪورٽ ۾ استادن جي ڀرتين واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪراچي جي برطرف ماسترياڻي دانهون ڪيون ته ليڊز پوليس اهلڪارن  کيس ٻاهر ڪڍي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ ۾ استادن جي ڀرتين واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪراچي جي برطرف ماسترياڻي دانهون ڪيون ته ليڊز پوليس اهلڪارن  کيس ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته جاچ ڪميٽي مقررين کي غيرقانوني قرار ڏنو آهي، اسان ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سڌ جي تعليمي ادارن ۾ غيرقانوني ڀرتين واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ڪراچي ۾ برطرف ٿيل ماستراڻي عدالت کي ٻڌايو ته ڇهن سالن کان اسڪول وڃي رهي آيهان پر پگهار نه پئي ملي.

چيف جسٽس چيو ته ڪميشن ٺاهي وئي هئي، جنهن مقررين کي غيرقانوني قرار ڏنو آهي.

ان موقعي تي ته عورت عدالت ۾ رڙيون ڪري روئڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته چيف جسٽس صاحب، مان ڪراچي مان آئي آهيان، مون سان انصاف ناهي ٿيو.

عورت دانهون ڪندي عدالتي ڪمري ۾ ويهي رهي، جنهن سبب معاملي جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ اٿي هلي وئي.

 عورت پوليس اهلڪارن عورت کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس گهلي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو پر عورت روئيندي رهي.

اٽارني جنرل چيو ته هن ڪيس جو اسان وٽ رڪاڙڊ نه آهي، عورت شهزادي بيگم  کي ڇهه سالن تائين پگهار نه ملڻ جي شڪايت هئي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته جاچ ڪميٽي مقررين کي غيرقانوني قرار ڏنو آهي، اسان ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*