ڪراچي پوليس شهرين کي شڪايت درج ڪرائڻ لاءِ موبائيل ايپ پي فار يو متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي

ڪراچي پوليس شهرين کي شڪايت درج ڪرائڻ لاءِ موبائيل ايپ پي فار يو متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، اي آءِ جي امير شيخ جو چوڻ  آهي ته موبائيل ايپ ذريعي شهري فوري طور ڪنهن به واردات جي شڪايت ڪري سگهن ٿا،جديد ٽيڪنالاجي ذريعي فوري طور اطلاع ڏيڻ لاءِ موبائيل ايپ متعارف ڪرايو ويو آهي.

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي امير  شيخ  ڪلفٽن واري علائقي ۾ موبائيل ايپ پي فاريو جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي.

تقريب کي خطاب ڪندي ايڊيشنل آءِ جي جو چوڻ هو ته شهري گوگل پلي اسٽور ذريعي موبائيل ايپ پنهنجي فون ۾ ڊائون لوڊ ڪري سگهندا.

امير شيخ جو چوڻ هو ته هاڻي شهرين کي ڪنهن به شڪايت جي لاءِ ٿاڻي تي وڃن جي ضرورت ناهي، هو موبائيل ايپ ذريعي پنهنجي شڪايت درج ڪرائي سگهن ٿا.

اي آءِ جي امير شيخ جو چوڻ هو ته پوليس جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ ۽ ٿاڻو ڪلچر ختم ڪرڻ جي لاءِ موبائيل ايپ متعارف ڪرايو ويو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*