نواز ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته مفروضن تي ٻڌل ڪيس قانون جي ڪٽهڙي ۾ وڌيڪ دير تائين رهي نه ٿو سگهي

نواز ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته مفروضن تي ٻڌل ڪيس قانون جي ڪٽهڙي ۾ وڌيڪ دير تائين رهي نه ٿو سگهي، نيب نواز شريف خلاف ڪو به الزام ثابت ناهي ڪري سگهيو،نواز شريف هر امتحان ۾ سرخرو ٿيندو.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف جي نيت صاف آهي، سندس خلاف ڪرپشن ۽ ڪڪ بيڪ ثابت ناهي ٿي، هو هر امتحانن مان سرخرو ٿيندو.

هن چيو ته، نيب نواز شريف خلاف ڪو به الزام ثابت ناهي ڪري سگهيو.

مريم اورنگزيب چيو ته، نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب ٽن نسلن جو حساب ڏئي رهيو آهي.

هن چيو ته نوازشريف اربين رپين جا منصوبا لڳايا آهن پر بدترين مخالفن هڪ به رپئي جي ڪرپشن مٿس ثابت ڪري نه سگهيا آهن.

نواز ليگ ترجمان چيو ته نوازشريف  نيڪ نيتي ۽ ايمانداري سان ملڪ جي خدمت ڪئي آهي.

مريم اورنگزيب چيو آهي ته مفروضن تي ٻڌل ڪيس قانون جي ڪٽهڙي ۾ وڌيڪ دير تائين رهي نه ٿو سگهي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*