سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف جي سياست هميشه لاءِ ختم ٿي چڪي آهي

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف جي سياست هميشه لاءِ ختم ٿي چڪي آهي، عدالتي فيصلي سان صورتحال ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي، ضمانت رد ڪرڻ لاءِ غير معمولي ڪارڻ گهربل هوندا آهن.

پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ فواد چوڌري چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو بلڪل درست آهي ڇاڪاڻ ته ضمانت رد ڪرڻ لاءِ غيرمعمولي ڪارڻ گهربل هوندا آهن.

هن چيو ته نواز شريف جي سياست هميشه لاءِ ختم ٿي چڪي آهي، فيصلي سان صورتحال ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي.

فواد چوڌري چيو ته مسلم ليگ نه اهم سياسي جماعت آهي ۽ هاڻ کيس نئين قيادت جي چونڊ ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته نوازشريف جي سياست هيشه لاءِ ختم ٿي چڪي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*