سپريم ڪورٽ ميهڙ ۾ چانڊيا برادري جي ٽن ڄڻن جو قتل ڪيس ٽن مهينن ۾ اڪلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ ميهڙ ۾ چانڊيا برادري جي ٽن ڄڻن جو قتل ڪيس ٽن مهينن ۾ اڪلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس چيو آهي ته لڳي ٿو ته جوابدار بااثر آهن، تنهڪري پوليس هٿ نٿي وجهي، برهان چانڊيو کي ته جاچ دوران ئي بري ڪيو ويو، سردار  چانڊيو ۽ برهان چانڊيي جي ضمانت بابت 15 ڏينهن ۾ فيصلو ٻڌايو وڃي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جِي سربراهي ۾ ميهڙ ۾ قتل ٿيل اُم رباب چانڊيي جي ڪٽنب واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته پيءُ، پٽ ۽ پوٽو قتل ٿي ويو، هن وقت تائين متاثر ڪٽنب کي ڪو رليف نه مليو آهي.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته برهان خان چانڊيي کي اوهان جاچ دوران ئي ڇڏي ڏنو.

چيف جسٽس سنڌ پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هن ڪيس جي پٺيان ڪو بااثر  لڳي ٿو، جنهن سبب هن وقت تائين فيصلو ناهي ٿي سگهيو.

چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڇا هن ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن يا نه؟

چيف جسٽس ام رباب جي وڪيل فيصل صديقي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي خبر آهي ته هن واقعي جو سبب ڪهڙو آهي، اسان رڳو آواز اٿاريو هو ته وڏيرن کي اهڙو سلوڪ نه ڪرڻ گهرجي.

چيف جسٽس چيو ته رڳو اهو چيو هو ته ڇوڪرين سان اهڙو سلوڪ نه ڪيو و ڃي، جنهن تي فيصل صديقي چيو ته جوابدارن گرفتاري کان اڳ ضمانت ڪرائي رکي آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

وڪيل فيصل صديقي چيو ته ام رباب کي عدالت وڃڻ لاءِ به تحفظ جي ضرورت آهي، جنهن تي ام رباب چيو ته منهنجو ڪيس ڪراچي منتقل ڪيو وڃي.

چيف جسٽس اُم رماب جي ڪيس ڪراچي منتقل ڪرڻ واري درخواست تي چيو ته ان حوالي سان اڳ ئي درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.

عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ميهڙ ۾ قتل ٿيل ٽن ڄڻن جي واقعي بابت پاڻمرادو نوٽيس اڪلائي ڇڏيو.

عدالت اَي آءِ جي امير شيخ کي ڪيس جِي نگراني ڪرڻ ۽ هر پندرنهن ڏينهن بعد رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.

چيف جسٽس چيو ته هاءِ ڪورٽ پندرنهن ڏينهن اندر ڪيس هلائڻ بعد جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري.

چيف جسٽس چيو ته سردار  چانڊيو ۽ برهان چانڊيي جي ضمانت ڪرائڻ لاءِ جتي به ڪيس هلي رهيو آهي، ان جو فيصلو 15 ڏينهن اندر ڪيو وڃي، جن جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو يو آهي، انهن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.

واضح رهي ته  2017 ۾ ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن کي قتل ڪيو ويو هو، جنهن بعد ام رباب جي درخواست تي چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*