پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان اين آر او گهرڻ وارا نه آهيون

پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان اين آر او گهرڻ وارا نه آهيون، عمران خان اهم  پوزيشن تي آهي، کيس ڳالهائڻ کان اڳ خيال ڪرڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اسان اين آر او گهرڻ وارا نه آهيون، عمران خان کي خبر ئي نه آهي ته اين آر او جو نالو ڪٿان سکيو آهي.

هن چيو ته، اسان ته ڪو به اين آر حڪومت کان نه گهريو آهي، سمورا سياستدان پارليامينٽ ايندا آهن ۽ پاڪستان جي ڳالهه ڪندا آهن.

پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ  چيو ته، عمران خان اهم  پوزيشن تي آهي، کيس ڳالهائڻ کان اڳ خيال ڪرڻ گهرجي.

خورشيد شاهه چيو ته، خوش قسمتي سان هو پاڪستان جو وزيراعظم بڻجي چڪو آهي ۽ اسان مڃڻ لاءِ به تيار آهيون ته هو هڪ وزيراعظم آهي.

پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ چيو ته  گهٽ ۾ گهٽ  عمران خان کي ايتري ڄاڻ هئڻ گهرجي ته سياستدان بائيڪاٽ ڇو ڪندا آهن.

هن چيو ته، هڪ ٻيو سبب  بائيڪاٽ جو  اهو آهي ته اهو ماحول حڪومت پاڻ پيدا ڪيو آهي، اسان پارليامينٽ ايندا آهيون، اوهان کان پڇندا آهيون ته اوهان ڇو نه آيا آهيو؟.

پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ  چيو ته، اوهان ته پارليامينٽ جو احترام به نه ڪندا آهيو، اسان ته پوءِ به پارليامينت ۾ ايندا آهيون.

 خورشيد شاهه چيو ته، اوهان کي هر هفتي پارليامينٽ اچڻ هو، سوالن جو جواب ڏيڻ هو، گهٽ ۾ گهٽ اهڙيون ڳالهيون ته نه ڪريو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*