بريگزٽ ڊيل تي برطانوي وزيراعظم کي تاريخي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو

بريگزٽ ڊيل تي برطانوي وزيراعظم کي تاريخي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، پارلياماني ميمبرز بريگزٽ ڊيل رد ڪري ڇڏيو، ٿريسامي حڪومت خلاف اڄ  بي اعتمادي وارِي رٿ پيش ڪئي ويندي.

بريگزيٽ ڊيل تي برطانوي وزيراعظم ٿريسامي کي شڪست جو منهن ڏسڻو پئجي ويو.

برطانوي پارليامينٽ ۾ بريگزٽ ڊيل تي ووٽنگ جو عمل ٿيو، جنهن دوران بريگزٽ ڊيل جي حق ۾ 202 ، جڏهن ته  مخالفت ۾ 432 ووٽ پيا.

بريگزٽ ڊيل ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ حڪومتي پارٽي جي چيئرمين ٽام پرسگلو استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

مخالف ڌر اڳواڻ جريمي ڪوربن چيو آهي ته ٿريسامي جي حڪومت عوامي اعتماد وڃائي چڪي آهي، ٿريسامي حڪومت خلاف اڄ بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪئي ويندي.

ٻئي طرف وزيراعظم ٿريسامي بريگزٽ ڊيل تي شڪست قبول ڪندي چيو آهي ته حڪومت کي پارليامينٽ جو اعتماد حاصل آهي، اڪثر ميمبرز ووٽنگ مان مطمئن ناهن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*