دادو ۾ هٿ ڪيل لاش جي سڃاڻپ بابر سولنگي جي نالي سان ڪئي وئي

دادو ۾ هٿ ڪيل لاش جي سڃاڻپ بابر سولنگي جي نالي سان ڪئي وئي، جنهن جي وارثن آپگهات جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

 سول اسپتال دادو ۾  ڳوٺ ديهه پنجو شاهه جي رهواسي اعظم سولنگي فوتيءَ جي سڃاڻپ سندس ماسات طور ڪئي آهي.

 ان موقعي تي هن ٻڌايو ته ماسات دوڪان تي پورهيو ڪندو هو، ماسات گذريل 12 ڏينهن کان دوڪان تي نه ويو هو، لڳي ٿو ته هن بيروزگاري کان تنگ ٿي آپگهات ڪيو آهي.

 واضح رهي ته شاهجهان پارڪ سامهون نجم ڪالوني ۾ گذريل رات لاوارث لاش هٿ ڪيو ويو هو، جيڪو پوليس سڃاڻپ لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو هو…….

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*