چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته جج جي زندگي ۾ خوف جي ڪابه گنجائش ناهي

چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته جج جي زندگي ۾ خوف جي ڪابه گنجائش ناهي، ججن جو ڪم نهايت مشڪل آهي، نئين چيف جسٽس چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته انصاف جي فراهمي ۾ دير ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار اتي استعمال ڪندس جتي ٻيو حل موجود نه هجي..

چيف جسٽس ثاقب نثار جي رٽائرمينٽ تي فل ڪورٽ ريفرنس ۾ 17 مان 16 ججن شرڪت ڪئي، جڏهن ته جسٽس منصورعلي خان ريفرنس ۾ شرڪت نه ڪئي.

چيف جسٽس جسٽس ميان ثاقب نثار فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان پيڙهيل  ماڻهن جي حقن لاءِ ڪم ڪيو آهي.

چيف جسٽس چيو ته، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو، اسان هر شخص کي عزت سان زندگي گذارڻ جو حق ڏنو آهي.

چيف جسٽس چيو ته  خانگي اسپتالن جي فين تي نوٽيس ورتو،  کدڙن فقيرن لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ تي نوٽيس ورتو، طيبا سميت گهريلو ملازم ٻارڙن جو به نوٽيس ورتو، اسان تعليم ۽ صحت جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

چيف جسٽس چيو ته ماڻهن جيڪا عزت ڏني اها واپس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان سڀ کان پهريون گلگت بلتستان جو معاملو اٿاريو،  ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس ورتو.

هن چيو ته سموري قوم پاڻي لاءِ عطيا ڏنا، ٻيو مسئلو عدالت آبادي ۾ اضافي جو اٿاريو.

چيف جسٽس ثاقب نٿار چيو ته 20 سالن کان وڌيڪ عدالت ۾ گذاريو، هميشه ڪوشش ڪئي ته قانون ۽ ضابطي اندر رهندي فيصلا ڏيا.

نئين نامزد چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته انصاف جي فراهمي ۾ دير ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار اتي استعمال ڪندس.

جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته  چيف جسٽس ثاقب نثار ڏکين حالتن ۾ عدالت هلائي، هن سياسي، سماجي ۽ معاشرتي ۽آئيني سميت ڪيترين ئي ڏکين حالتن کي منهن ڏنو.

نئين نامزد چيف جسٽس چيو ته 20 سالن کان آهيان ۽ اسان ٻئي گڏ لاهور هاءِ ڪورٽ جا جج ٿياسين، اسان جاڙن ٻارن وانگر آهيون، جيڪي اڄ الڳ ٿي وينداسين، ڪنهن سرجري نه پر آئين تحت الڳ ٿي وينداسين.

هن چيو ته چيف جسٽس ثاقب نثار جون انساني حقن بابت خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.

جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته  انصاف جي فراهمي ۾ رنڊڪ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ماتحت عدليه ۾ سالن کان التوا هيٺ ڪيسن کي جلد اڪلائڻ جي ڪوشش ڪندس.

جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته  غير ضروري التوا کي روڪڻ لاءِ جديد اوزار استعمال ڪيا ويندا ۽ ڊيم ٺاهيندس…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*