امريڪا جو افغانستان بابت خاص نمائندو زلمي خليل زاد پاڪستان جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو

امريڪا جو افغانستان بابت خاص نمائندو زلمي خليل زاد پاڪستان جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو، پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته پاڪستان افغانستان جي مسئلي لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪري رهيو آهي.

امريڪا جو افغانستان بابت خاص نمائندو زلمي خليل زاد پاڪستان جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو، سندس دورو 4 ڀيرا ري شيڊول ٿيو.

زلمي خليل زاد پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪري افغانستان جي امن ۽ طالبان سان ڳالهين سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪندو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل پنهنجي هفتيوار بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان افغانستان جي مسئلي لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته، پاڪستان آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين لاءِ مدد ڪئي آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته، پاڪستان سمجهي ٿو ته ڳالهيون افغان مسئلي جي حل لاءِ ضروري آهن.

هن چيو ته، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت جو سلسلو جاري آهي، ورڪنگ بائونڊري ۽ لائن آف ڪنٽرول تي فائرنگ ڪري ڀارتي فوج دنيا جو ڌيان ڪشمير تان هٽائڻ چاهي ٿي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل  چيو ته، پاڪستان ۾ بارڊر ايڪشن ٽيم نالي ڪا به فورس نه آهي.

ڊاڪٽر فيصل چيو ته، مسلسل ڀارتي ڀڃڪڙين مان ڀارت جا ارادا ظاهر ٿين ٿا، اڄ شام جو پرڏيهي آفيس ۽ ٻين حڪومتي عملدارن سان زلمي خليل زاد سان ملاقات ٿيندي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*