پيپلزپارٽي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ واري معاملي کي صوبي ۾ مداخلت قرار ڏئي ڇڏيو

پيپلزپارٽي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ واري معاملي کي صوبي ۾ مداخلت قرار ڏئي ڇڏيو، شيري رحمان چيو آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه کي ٻاهر وڃڻ جي ڪا ضرورت نه آهي، تحريڪ انصاف کي هاڻ ڪنٽينر تان لهڻ گهرجي.

پيپلزپارٽي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ واري معاملي کي صوبي ۾ مداخلت قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه کي ٻاهر وڃڻ جي ڪا ضرورت نه آهي، تحريڪ انصاف کي هاڻ ڪنٽينر تان لهڻ گهرجي.

هن چيو ته، حڪومت وٺ سوچڻ کان سواءِ ڪا ٻي پاليسي نه آهي، چور ۽ ڌاڙيلن جي ڪا به پاليسي نه هوندي آهي.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ  چيو ته وڏي وزير جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ صوبي ۾ مداخلت ڪرڻ جي برابر آهي، وڏي وزير جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪري صوبي کي مفلوج بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

شيري رحمان چيو ته، نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪري سنڌ سرڪار جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي.ڱ

هن چيو ته، اهڙي عمل سان دنيا کلي آهي،  اي سي ايل بابت حڪومتي فيصلي تي سڄي دنيا ۾ تنقيد ٿي آهي.

شيري رحمان  چيو ته، وڏي وزير جو نالو ايتري تڪڙ ۾ اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو جو هو ڪو ڀڄي رهيو هو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*