پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ايوان ۾ 2 ڀاڱي 3 اڪثريت سان فيصلا ٿيندا آهن

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ايوان ۾ 2 ڀاڱي 3 اڪثريت سان فيصلا ٿيندا آهن ۽ هڪ ٻه اڻ چونڊيل ماڻهو قلم جي چهنب سان ختم ڪري ڇڏين ٿا تنهن ڪري جمهوريت ۾ اهو نه ٿو ٿي سگهي. 18 هين ترميم کانپوءِ جناح اسپتال وفاق حوالي ڪرڻ وارو معاملو سنگين آهي، ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چيف جسٽس جي آءِ ٽي کان پڇا ڪئي ته ڪنهن جي چوڻ تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو پر ان سوال جو جواب ئي نه ٿو ملي.

هن چيو ته وزيراعظم اجلاس ۽ اي سي ايل بابت بيان ڏنو سٺو ٿئي ها ته وزيراعظم ٽوئيٽ بدران اسيمبلي ۾ بيان ڏي ها.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهو ملڪ جي مفاد ۾ آهي، اسان پنهنجي معاشي حقن تي سوديبازي نه ڪنداسين، جدوجهد کانپوءِ صوبن کي حق مليا آهن، ڪو به اهي کسي نه ٿو سگهي ۽ نه وري ڇنڻ ڏينداسين.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته، وزيراعظم سامهون ڳالهائي ته جيئن کيس سامهون جواب ڏيون پر کيس همت ئي ناهي.

هن چيو ته  سنڌ سرڪار اين آءِ سي وي ڊي جهڙيون عالمي معيار جون اسپتالون قائم ڪيون جنهن ۾ مفت علاج ڪيو ويندو آهي، هي دنيا ۾ مفت علاج جي سهولت ڏيندڙ وڏو ادارو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته،  جيڪڏهن واقعي سپريم ڪورٽ هي ادارو سنڌ کان کسي ٿي ته منهنجي لاءِ سنڌ جي عوام کي سمجهائڻ ڏکيو هوندو، مان سمجهندس ته ارڙهين ترميم تي حملو آهي.

هن چيو ته  وزيراعظم ملڪ هلائڻ لاءِ سڄي دنيا مان چندو  گهري رهيا آهن، 14 بلين جي اين آءِ سي وي ڊي هلائڻ لاءِ ڪٿان پسئو آڻيندا.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته،  جيڪڏهن اهو فيصلو ٿئي ٿو ته ڪهڙي گارنٽي آهي ته هي پئسو ڏيندا ۽ اسپتال ۾ مفت علاج جاري رهندو ڇو ته ايئن ممڪن ناهي.

هن چيو ته اپوزيشن اتفاق ڪيو آهي ته عوام جي معاشي، انساني ۽ جمهوري حق تي سوديبازي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، هڪ  ڏينهن ايندو پي ٽي آءِ به مسئلن تي اسان جو ساٿ ڏيندي. ……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*