جوهي ۾ ڪاڇي جي ڊرگهه بالا ٿاڻي جي حد مان مبينا اغوا ٿيل نينگر جي بازيابي لاءِ سندس وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو

جوهي ۾ ڪاڇي جي ڊرگهه بالا ٿاڻي جي حد مان مبينا اغوا ٿيل نينگر جي بازيابي لاءِ سندس وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺاڻن سڪندر لُنڊ، محمد لُنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

 ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته گذريل ڏينهن 3 اڻڄاتل هٿياربند جوهي – واهي پانڌي روڊ تان ڳوٺ بکر شھيد وٽان مال چاريندڙ نينگر سهراب لُنڊ کي اغوا ڪري ويا.

هنن چيو ته ڊرگهه بالا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود پوليس اڃا تائين نينگر جي بازيابي لاءِ ڪي به ڪوششون ناهن ورتيون.

 ھنن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اختيارين  کان مطالبو ڪيو آھي ته نينگرکي جلد بازياب ڪرائي اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري  انصاف فراهم ڪيو وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*