صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ حڪومت خلاف سازش ڪندڙ پنهنجي گهر جي ڀرپاسي ۾ ڏسن اتحادي ساڻن خوش ناهن

صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ حڪومت خلاف سازش ڪندڙ پنهنجي گهر جي ڀرپاسي ۾ ڏسن اتحادي ساڻن خوش ناهن، نيب اڳ نواز بيورو هو ۽ هاڻي نيازي بيورو بڻجي چڪو آهي.

 سنڌ جي سڌسماءَ ۽ قانون واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ڪراچيءَ ۾ ميديا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پاڪستاني معيشت کي ناڪام حڪومت، ناڪام بڻايو آهي،77 سيڪڙو پرڏيهي سيڙپڪاري گهٽجي وئي آهي.

 هن سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته حڪومت چوندي هئي ادارن جي سربلندي لاءِ ڪم ڪيو ويندو پر نيب کان گرفتارين جو مطالبو ڪيو ويو.

 هن جو چوڻ هو ته اسٽيٽ بينڪ رپورٽ ۾ هي تصديق به ڪئي آهي ته واضع مانيٽري پاليسي نه هئڻ سبب اسٽاڪ مارڪيٽ تباهه ٿيو، پوڻا 3 ارب ڊالر مارڪيٽ مان نڪري ويا آهن…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*