صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته فوجي عدالتن بابت عام راءِ هموار ناهي

صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته فوجي عدالتن بابت عام راءِ هموار ناهي، پي پي کي موقف تان پوئتي هٽڻ لاءِ مرڪزي مجلس عامله سان رجوع ڪرڻو پوندو.

 مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عليمه خان جي ملڪيت پٺيان عمران خان جو هٿ آهي، ڇا اسپتال جي نالي تي چندو ۽ خيرات هڙپ ڪرڻ ٺيڪ آهي؟ عليمه خان چندي ۽ خيرات مان ملڪيتون ٺاهيون آهن.

 صوبائي وزير سعيد غني سنڌ اسيمبلي ٻاهران ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر جي پارٽين ۾ رابطن جو مطلب اهو ناهي ته سڀني ڳالهين تي اتفاق ٿي ويو،  حڪومتي قانون شڪني خلاف سڀني پارٽين کي گڏجڻو پوندو.

 هن چيو ته گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تان ميمبرشپ معطل ٿيڻ ڪانئين ڳالهه ناهي، چونڊيل نمائندن کي ملڪيتن جا تفصيل جمع ڪرائڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*