سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي اسپيڪر آغا سراج دراني جي تڪ ۾ ترقياتي منصوبن ۾ مبينا ڪرپشن جي جاچ 

سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي اسپيڪر آغا سراج دراني جي تڪ ۾ ترقياتي منصوبن ۾ مبينا ڪرپشن جي جاچ  رپورٽ 5 مارچ تائين طلب ڪري ورتي.

 سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪرپشن معاملي تي ٻڌڻي دوران نيب عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي اباڻي علائقي ڳڙهي ياسين ۾ ترقياتي منصوبن جا فنڊز ڪَرپَشن جي نَذَر ٿيا، 17 آفيسرن ۽ 32 ٺيڪيدارن خلاف جاچ شروع ڪئي وئي.

 ٻڌڻي دوران سنڌهاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ۾ چيو ته سنڌ جي هر شهر جي حالت خراب آهي، گٽر اُٿلي رهيا آهن، پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي.

چيف جسٽس جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته ڪرپشن ڪرڻ وارن جو ڪم به هلي رهيو آهي ۽ نيب جو ڪم به هلي رهيو آهي، نيب سکر ۾سڀ کان وڌيڪ ڳڙ ٻڙ آهي.

 عدالت نيب سکر ۾ التويٰ ۾ پيل انڪوائريز جا تفصيل طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*