خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال ۾ سهولتن جي اڻاٺ ۽ ڪاليج رجسٽرڊ نه هئڻ خلاف نئون ديرو هائوس اڳيان ڌرڻو هنيو

خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال ۾ سهولتن جي اڻاٺ ۽ ڪاليج رجسٽرڊ نه هئڻ خلاف نئون ديرو هائوس اڳيان ڌرڻو هنيو.

ميڊيڪل ڪاليج جي 500 شاگرد ۽ شاگردياڻين خيرپور کان نئون ديرو پهچي نئون ديرو هائوس آڏو هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ ڇتي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي محمد اويس انصاري، دائود شاهه، رابعه شاهه، خديجه مهر ۽ ٻين چيو ته گذريل 11 ڏينهن کان سراپا احتجاج بڻيل آهيون، پر سنڌ حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري.

هنن وڌيڪ چيو ته ٻه ڀيرا اسيمبليءَ مان بل پاس ڪرڻ باوجود خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال کي سهولتون فراهم ناهن ڪيون ويون.

 جنهن ڪري پاڪستان ميڊيڪل ڊينٽل ڪائونسل 4 ڀيرا ڪاليج جي وزٽ ڪرڻ باوجود ڪاليج کي رجسٽرڊ ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي.

 ڪاليج رجسٽرڊ نه ٿيڻ ڪري گذريل 5 ورهين کان ڪاليج ۾ پڙهندڙ اسان 500 شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي.

هنن چيو ته مجبور ٿي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي گهر آڏو پهتا آهيون ته جيئن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تائين اسان جي احتجاج جو آواز پهچي سگهي.

 هنن مطالبو ڪيو ته بنيادي مسئلا حل ڪري شاگردن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*