سيٺارجا ويجهو پراسرار نموني فوت ٿي ويل نوجوان جو قتل ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف وارثن سکر

سيٺارجا ويجهو پراسرار نموني فوت ٿي ويل نوجوان جو قتل ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف وارثن سکر-هنڊياري روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو.

ڳوٺ هنڊياري جي مگسي پاڙي ۾19 ورهين جي نوجوان برڪت علي دستي جو ساهرن جي گهر مان ڦاهو لڳل لاش هٿ ڪيو ويو.

 وارثن نوجوان جو لاش کڻائي سکر – هندياري روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو،جنهن دوران روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي فوت ٿيل نوجوان جي پيءُ سانوڻ خان دستي چيو ته سندس پٽ برڪت علي جي شادي 3 مهينا اڳ ٿي، پرڪجھه ڏينهن بعد زال  ڪاوڙجي پيءُ جي گهر ويهي رهي.

هن چيو ته ڪالهه سندس پُٽ پنهنجي زال کي وٺڻ لاءِ سهري جي گهر ويو،جتي گهرواري ۽ سهري نياز محمد گڏجي سندس پٽ برڪت کي ڦاهو ڏئي قتل  آپگهات جو ڊراموڪيو آھي.

بعد ۾ٺري ميرواهه پوليس پهچي وارثن سان ڳالهيون ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو، جنهن بعد وارث نوجوان جو لاش تدفين لاءِ ڳوٺ کڻائي روانو ٿي ويا……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*