سنڌ هاءِ ڪورٽ، اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ خلاف درخواست تي ايف آءِ اي کي جواب داخل ڪرائڻ جِي مهلت ڏئي ڇڏي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ، اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ خلاف درخواست تي ايف آءِ اي کي جواب داخل ڪرائڻ جِي مهلت ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته وفاقي گهرو وزارت 2 سال گذرڻ باوجود به داخل نه ڪرائي سگهي.

اڳوڻي  صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊويزنل بينچ ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايف آءِ اي هڪ ڀيرو ٻيهر جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي.

شرجيل ميمڻ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته هـُو علاج لاءِ ٻاهر وڃڻ چاهي ٿو پر سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل آهي، عدالت کي استدعا آهي ته وفاقي حڪومت کي نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم  ڏنو وڃي.

نيب جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته شرجيل ميمڻ تي ساڍا ڇهه ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ سندس ضمانت واري درخواست رد ڪري چڪي آهي.

عدالت، ايف آءِ اي کي جواب داخل ڪرائڻ جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ اطلاعات سنڌ ۾ ڪرپشن ريفرنس ۾ جيل ۾ آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*