سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۽ فلمن جو  ناليوارو اداڪار گلاب چانڊيو ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد 62 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي

سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۽ فلمن جو  ناليوارو اداڪار گلاب چانڊيو ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد 62 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

اداڪارا گلاب چانڊيو ڪراچي ۾ ڪجهه عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ نجي اسپتال ۾ اڄ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.

اداڪار گلاب چانڊيو جي ڪٽنب جو چوڻ آهي ته گلاب چانڊيو ڳچ وقت کان دل ۽ شگر جي بيمارين ۾ مبتلا هو.

گلاب چانڊيو جي سڀاڻي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه نوابشاهه ويجهو اباڻي ڳوٺ سائين بخش چانديو ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

صدارتي ايوارڊ يافته اداڪار گلاب چانڊيو ڪيترن ئي سپر هٽ ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي جنهن ۾ نوري ڄام تماچي،  چنڊ گرهڻ، ماروي، زهر باد، ساگر ڪا موتي، ديوارين، راڻي جي ڪهاڻي، ڇوٽي سي دنيا، سميت ٻيا ڊراما شامل آهن.

لازوال ڪردار ادا ڪرڻ تي گلاب چانڊيو صدارتي ايوارڊ سميت ٻيا ڪيترا ئي ايوارڊ ماڻيا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*