قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ ۾ ڏڪار سٽيل علائقن جي صورتحال تي بين صوبائي رابطن واري وزارت کان هڪ هفتي ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ ۾ ڏڪار سٽيل علائقن جي صورتحال تي بين صوبائي رابطن واري وزارت کان هڪ هفتي ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي، وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو آهي ته بدين ۾ ڏهن مهين کان پاڻي نه آهي، سڄو ضلعو ڏڪار سٽيل آهي، ٻار بک مري رهيا آهن.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته سينيٽ ڪميٽي پٺ تي پيل علائقن جو  دورو ڪري پنهنجي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي.

هن چيو ته ، قومي اسيمبلي ۾ به اهڙي قسم جي ڪا ڪميٽي ٺاهي وڃي.

وفاقي وزير  چيو ته، بدين ۾ ڏهن مهين کان پاڻي نه آهي، سڄو ضلعو ڏڪار سٽيل آهي، ٻار بک مري رهيا آهن.

ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته رڳو اٺن ضلعن ۾ ٽي لک ڪٽنبن کي پنجاهه ڪلو ڪڻڪ ڏني وئي آهي، جيڪو شرم جوڳو عمل آهي.

وفاقي وزير  چيو ته، سنڌ ڪابينا ۾ بدين سان تعلق رکندر وزير رڳو ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته سنڌ جا حڪمران رڳو بدين ۾ وڃي وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندا آهن،  بدين ۾ پاڻي نه هئڻ سبب جانور به مري رهيا آهن.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ ۾ ڏڪار سٽيل علائقن جي صورتحال تي بين صوبائي رابطن واري وزارت کان هڪ هفتي ۾ رپورٽ طلت ڪري ورتي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*