وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سي پيڪ بابت اجلاس ۾ منصوبن

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سي پيڪ بابت اجلاس ۾ منصوبن تي عملدرآمد لاءِ سي پيڪ بزندس ايڊوائزري ڪائونسل  قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وزيراعظم ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ منصوبا پاڪستان لاءِ وڏي اهميت جوڳا آهن.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سي پيڪ بابت اجلاس ٿيو. جنهن ۾ سي پيڪ رٿائن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.

وزيراعظم عمران خان سي پيڪ رٿائن تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سي پيڪ رٿائون وقت کان اڳ مڪمل ٿيڻ سان عوام کي وسيع معاشي موقعا ملندا.

وزيراعظم چيو ته  پاڪستاني عوام کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ چيني تجربي مان فائدو وٺي سگهجي ٿو.

وزيراعظم چيو ته سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين سي پيڪ اقتصادي زونز  تي ڪم تيز ڪرڻ لاءِ چئن هفتن ۾ سفارشون پيش ڪري.

وزيراعظم چيو ته سي پيڪ منصوبا پاڪستان لاءِ وڏي اهميت جوڳا آهن…….

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*