ڪراچي کي هٿ وٺي بدانتظامي جي ور چاڙهيو ويو آهي فيصل سبزواري

ايم ڪيو ايم جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ حڪومت جي روين سميت مختلف معاملن تي ويچاريو ويو، متحده اڳواڻن چيو آهي ته ٿر ۾ موت جي راڪاس ۽ اتي مرندڙ هر ٻار جي موت جو ذميوار وڏو وزير پاڻ آهي، جڏهن ته ڪراچي کي به ٿر جهڙي صورتحال ڏانهن ڌِڪيو پيو وڃي.

ايم ڪيو ايم جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ۾ ٿيو، جنهن کانپوءِ متحده اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي تي تنقيد ڪئي.

فيصل سبزواري چيو ته ڪراچي کي به هٿ وٺي بد انتظامي ور چاڙهيو ويو آهي.

هن چيو ته وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اسيمبلي فلور تي ڳالهائيندي چيو ته ٿر ۾ جيڪي ٻار مري رهيا آهن، اهي صحت جي سهولتن جي فقدان سبب نه پر غذائي قلت جي ڪري مري رهيا آهن، هن چيو ته جيڪڏهن ٿر ۾ ٻار غذائي قلت سبب به مري رهيا آهن ته ڇا اها حڪومت جي ذميواري نه آهي؟

فيصل سبزواري جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پنهنجي ڪوتاهين کي تسليم ڪرڻ بدران انهن جي دفاع ۽ ذميوارين کي هڪ کان ٻئي ڪُلهي تي رکڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل آهي، سندس چوڻ هو ته حڪومت جو سربراهه چوي ٿو ته ٻار رڳو ٿر ۾ نه ٿا مرن سڄي پاڪستان ۾ مري رهيا آهن، اهڙي ڳالهه حڪمرانن کي نه ته سونهي ٿي ۽ نه وري کين ڪرڻ ئي جُڳائي.

هن چيو ته وڏي وزير وٽ تيرنهن –تيرنهن وزارتون رهيون آهن پر هِنن مداخلتون ڪري سمورن کاتن جي ڪارڪردگي کي بُري طرح متاثر ڪيو آهي.

فيصل سبزواري جو اهو به چوڻ هو ته ڪراچي کي ڄاڻي واڻي ٿر جهڙي صورتحال ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، جڏهن ته وڏي وزير جا مبهم بيان به سمجهه ۾ نه ايندڙ آهن، جڏهن هو سڌي يا اڻ سڌي اها تنقيد ڪندو آهي ته صحت واري وزارت ايم ڪيو ايم وٽ رهي آهي.

هُن اهو به مطالبو ڪيو ته صوبي اندر ارڙهين گريڊ جا جيڪي آفيسر وزيرن، صلاحڪارن ۽ ٻين حڪومتي ماڻهن جي مائٽن جا مقرر ڪرايل آهن، انهن جي هڪ جامع فهرست تيار ڪري ماڻهن کي ٻڌايو وڃي ته صوبي اندر هي ڊگهي عرصي کان ٿي ڇا رهيو آهي؟

ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر صغير احمد ڳالهائيندي چيو ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته وڏي وزير جو مسئلو صحت واري وزارت سان آهي، ايم ڪيو ايم سان آهي يا وري ڊاڪٽر صغير احمد سان آهي پر ايترو ضرور آهي ته وڏو وزير ڪو بار پنهنجي ڪُلهن تان لاهي ڪنهن ٻئي مٿان رکڻ گهري ٿو.

هن چيو ته هو ٻڌائڻ گهري ٿو ته جڏهن هو صحت وارو وزير هو ته ٻه ڀيرا ٿر جو دورو ڪري چُڪو آهي، جڏهن ته پنهنجي وزارت واري وقت ۾ هن  هڪ ڀيرو به ايم ڪيو ايم جي علائقن جي اسپتالن جو دورو نه ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته پلڊاٽ جي رپورٽ ۾ صوبي اندر بد انتظامي ۽ خراب ڪارڪردگي جي ڳالهه ڪئي وئي ته حڪومت جا ماڻهو ان کي مڃڻ بدران رپورٽ کي ئي رد ڪري رهيا آهن.

هن ايئن به چيو ته هاڻي جيئن ته هو صحت واري وزارت جي قلمدان کان بري آهي، تنهنڪري انتهائي آساني سان کُلي ڳالهائي سگهي ٿو ۽ هو ٻڌائڻ گهري ٿو ته صوبي اندر جيڪي به خرابيون آهن، انهن لاءِ حڪومت متحده کي ذميوار سمجهي ٿي پر حقيقت سڀني آڏو واضح ۽ روشن آهي ته متحده جي وقت ۾ جيترا ڪم ٿيا، اهي نه اڳي ڪڏهن ٿيا هئا ۽ نه وري هاڻي ئي ماڻهن کي ٿيندي نظر اچن پيا.

خواجه اظهار الحسن ڳالهائيندي چيو ته هو پڇڻ گهري ٿو ته گذريل ڇهن-ستن سالن کان جيڪي ٽي هزار ارب رپين جي رقم مختلف هنڌن، منصوبن ۽ ڪمن ۾ لڳايل ڄاڻائي وئي آهي، اها رقم ڪاڏي وئي؟

وڏي وزير خلاف بي اعتمادي واري رٿ آڻڻ واري صحافي جي سوال جو متحده اڳواڻن گول مول جواب ڏنو پر ٿُلهي ليکي سندن سمجهڻ ۽ چوڻ اهو ته حڪومتي ڪارڪردگي ئي سندن ناڪامي جو وڏو ثبوت آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*