پنجاب جي سڌ سماءَ واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته چوڌري ڀائر سمجهدار ماڻهو آهن

پنجاب جي سڌ سماءَ واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته چوڌري ڀائر سمجهدار ماڻهو آهن، پرويز الاهي نه چاهيندو ته سندس سياسي مخالفن کي فائدو پهچي، جيڪي خدشا آهن، اهي هيٺين سطح تي حل ٿي ويندا.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فياض الحسن چيو ته چوڌري ڀائرن کي خبر آهي ته سندن دوست ڪير آهي ۽ دشمن ڪير آهي.

هن چيو ته چوڌري ڀائر سمجهدار سياستدان آهن، سندن جيڪي به خدشا آهن، اهي هيٺ سطح تي حل ٿي ويندا.

صوبائي وزير چيو ته چوڌري شجاعت ۽ چوڌري پرويز الاهي هن سيٽ اپ جو هڪ اهم ٿنڀ آهن.

فياض الحسن چوهاڻ چيو ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت پنهنجو پنهنجو مدو پورو ڪنديون.

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير چيو ته تعليم سان گڏ راندين جو هئڻ به تمام گهڻو ضروري آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*