لاهور جي احتساب عدالت نواز ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي جسماني ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي

لاهور جي احتساب عدالت نواز ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي جسماني ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. عدالت ٻنهي ڀائرن کي 26 جنوري تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

لاهور جي احتساب عدالت ۾ جج سيد نجم الحسن خواجا ڀائرن جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ بابت نيب جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران نيب پيراگون هائوسنگ سوسائيٽي اسڪينڊل ۾ گرفتار نواز ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ سلمان رفيق کي سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت ۾ آندو.

ان موقعي تي عدالت ٻاهران ڪارڪنن جي وڏي تعداد موجود هئي، جن پارٽي اڳواڻن جي حق ۾ نعريبازي ڪئي.

نيب جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته بينڪ اڪائونٽس بابت جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي.

خواجا ڀائرن جي وڪيل  نيب جي موقف جي مخالفت ڪندي چيو ته اڃا تائين جاچ ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي آهي، پيراگون سان خواجا ڀائرن جو ڪو به تعلق نه آهي، جنهن سبب  جسماني ريمانڊ ڏيڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي.

خواجا ڀائرن  جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نيب وٽ خواجا سعد رفيق جو ڪو به اڪائونٽ نه آهي، جنهن جي ڪا جاچ ڪرڻي هجي، پيراگون سميت جيڪا به ڏيتي ليتي ٿي، ان جو رڪارڊ موجود آهي.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد نيب جي جسماني ريمانڊ  جي درخواست تي فيصلو محفوط ڪري ورتو، ٿوري دير بعد فيصلو ٻڌائيندي استدعا منظور ڪري ورتي.

عدالت خواجا ڀائرن جي وڌيڪ 7 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ منظور ڪندي نيب کي ٻنهي جوابدارن کي 26 جنوري تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

واضح رهي ته خواجا ڀائرن جي اڄ نيب پاران جسماني ريمانڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ڇوٿي پيشي هئي، گرفتار کان اڳ ٻئي ڀائر 38 ڏينهن جسماني ريمانڊ ڪاٽي چڪا آهن…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*