ليجنڊ اداڪار گلاب چانڊيو جو مڙهه هزارين آلين اکين سان نوابشاهه ويجهو مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي

ليجنڊ اداڪار گلاب چانڊيو جو مڙهه هزارين آلين اکين سان نوابشاهه ويجهو مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي،سندس آخري رسمن ۾ اداڪار منظور مراد سميت علائقي جي رهواسين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

ڳوٺ سائين بخش چانڊيو ۾ اداڪار گلاب چانڊيو جو مڙهه جنازي نماز کانپوءِ اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويل ليجنڊ اداڪار گلاب چانڊيو جي آخري رسمن ۾  اداڪار منطور مراد سميت مداحن جي وڏي انگ  شرڪت ڪئي.

 سنڌ جي هن ليجنڊ اداڪار گلاب چانڊيو جي وڇوڙي تي تدفين وقت هر اک آلي هئي.

 واضح رهي ته صدارتي ايوارڊ ماڻيندڙ اداڪار گلاب چانڊيو گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ بيماري سبب فوت ٿي ويو هو.

 گلاب چانڊيو جي وڇوڙي تي  مداحن ۾ سوڳ جي لهر ڇائنجي وئي آهي، وارثن سان تعزيت ڪئي پئي وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*