وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته جلد پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو حصو بڻجي ويندس

وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته جلد پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو حصو بڻجي ويندس، دنيا جي ڪابه طاقت مون کي روڪي نٿي سگهي، اين آر او گهرڻ وارو ٻيو ڪو نه، پر شهباز شريف آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته بلاول کي سياست ڪرڻي آهي ته پوءِ زرداري نه ڀٽو ٿئي.

هن چيو ته مون کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو ميمبر ٿيڻ کان ڪو به ررڪي نه ٿو سگهي، جيڪڏهن ڪنهن کي همت آيه ته روڪي ڏيکاري.

ريلوي واري وفاقي وزير  چيو ته عمران خان پاڪستان ۾ واحد آپشن آهي، امريڪا کي عمران خان جا جزيا سمجهه ۾ اچي ويا آهن.

هن چيو ته بلاول ڀٽو جو سياسي مستقبل ڀٽو ٿيڻ ۾ آهي، مون کي سندس مستقبل جي ڳڻتي آهي، مولا بخش چانڊيو سميت ٻين کي بلاول سان گڏ بيهڻ گهرجي.

 شيخ رشيد چيو ته، بلاول ڀٽو کي پيغام موڪليو آهي ته زرداري نه ڀٽو ٿئي.

ريلوي واري وفاقي وزير  چيو ته، قمر الزمان قائره ۽ ٻين پ پ کي نقصان پهچايوآهي.

شيخ رشيد چيو ته، سعودي بادشاهه جو دورو ٻڌائيندو ته اصل سيڙپڪاري ڇا آهي؟

ريلوي واري وفاقي وزير  چيو ته، مون هڪ شخص کي اين آر او گهرندي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، اهو ڪو ٻيو نه پر شهباز شريف آهي.

هن چيو ته هي ڪيڏي به ڪوشش ڪري وٺن پر اين آر او ناهي ملڻو، ڪرپٽ ماڻهن جي ملڪ ۾ گنجائش ناهي.

شيخ رشيد چيو ته مستقبل ۾ امريڪي صدر جو پاڪستان دورو ڏسان ٿو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*