سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته فوجي عدالتون دهشتگردي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قومي ٺاهيون ويون

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته فوجي عدالتون دهشتگردي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قومي ٺاهيون ويون، اسان جو پ پ ۽ نون ليگ سان جهيڙو ناهي، سي ٽي ڊي موجب ساهيوال ۾مارجي ويل وڏا دهشتگرد هئا، لڳي ٿو دهشتگردن انساني ڍال طور عورتن کي استعمال ڪيو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته فوجي عدالتون دهشتگردي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قومي ايڪشن پلات تحت ٺاهيون ويون آهن.

هن چيو ته، فوجي عدالتن  جي مدي ۾ واڌ لاءِ آئين ۾ترميم جي ضرورت آهي، اسان جو پ پ ۽ نون ليگ سان ڪو به جهيڙو ناهي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته سي ٽي ڊي موجب ساهيوال ۾ مارجي ويل وڏا دهشتگرد هئا.

هن چيوته، لڳي ٿو دهشتگردن انساني ڍال طور عورتن کي استعمال ڪيو.

فواد چوڌري چيو ته هن سال پاڪستان پنهنجي تاريخ جي سڀ کان وڏي برآمدات ڪندو، هي سال ملڪ جي پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ برآمدات جو سال هوندو.

هڪ تقريب کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته سعودي عرب جي مدد سان ملڪ ۾ ٺهندڙ آئل ريفائنري دنيا جي ٽئين وڏي ريفائنري هوندي.

سڌ سماءَ واري وزير چيو ته آچر ڏهاڙي 2019 جو سي پيڪ پلان منظر عام تي آندو ويندو، سي پيڪ منصوبي سان وڏيون تبديليون ڪيون ويون آهن، جنهن بعدتحريڪ انصاف جو ويزن نظر ايندو.

ملڪ جي ٻن وڏين جماعتن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ سياسي جماعتن کانسواءِ نه ٿو هلائي سگهجي، اها هڪ حقيقت آهي، سياسي جماعتن جو هئڻ ملڪ جي وجود لاءِ اهم آهي.

فواد چوڌري چيو ته اسان جو انهن جماعتن سان جهيڙو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن اهي پنهنجي اڳواڻن لاءِ اين آر او جي فرمائش ڪندا اهن…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*