ڀرياسٽي ويجهو نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ ڪيو ويو آهي

ڀرياسٽي ويجهو نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

قومي شاهراهه تي باءِ پاس وٽ بيٺل ڪار اندر نوجوان جو گولي  لڳل لاش هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪار کي به ٻاهران  گوليون لڳل آهن.

 اطلاع تي پوليس پهچي مڙهه پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، پوليس موجب نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

 ڀرياسٽي پوليس موجب نوجوان جي  هٿ ۾ پسٽل هو ۽ کيس لوندڙي تي گولي لڳل آهي، وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*