گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته منشيات جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ ڀلي جان ڇو نه هلي وڃي

گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته منشيات جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ ڀلي جان ڇو نه هلي وڃي، هن ناسور کي ختم ڪري ڇڏينداسين.

اسلام آباد ۾ منشيات جي استعمال بابت سيمينار کي خطاب ڪندي شهريار آفريدي چيو ته ڊرگ مافيا ايندڙ نسل سان کيڏي رهي آهي، فورسز کي چئي ڇڏيو آهي ته منشيات جي معاملي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

هن چيو ته، منشيات جي معاملي تي اهي ماڻهو متاٿر ٿيندا، جن کي اوهان تمام گهڻي عزت ڏيندا آهيون، هن ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ ڀلي منهنجي جان ڇو نه هلي وڃي.

گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم چيو آهي ته هڪ مافيا خلاف اسان کي بولڊ ٿيڻ پوندو، اسان کي همت نه هارڻي آهي، اهڙن ماڻهن کي عبرت جو نشان بڻائڻو آهي.

شهريار آفريدي چيو ته چائڊ پورنو گرافي به منشِيات سبب ٿي رهي آهي، منشيات سبب 72 ڪلاڪن تائين پنهجي ٻار کي قابو نه ٿا ڪري سگهو.

گهر معاملن بابت مملڪتي وزير چيو ته ان کان اڳ اسان کي خيبرپختونخواهه ۾ ٽي سالن تائين گاريون ڏنيون ويون، مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان آخر تائين وينداسين………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*