سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو  جي اغوا ڄاڻايل شاگردياڻي جي وارثن جي فرياد تي کپرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ ٻين خلاف اغوا ۽ زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو  جي اغوا ڄاڻايل شاگردياڻي جي وارثن جي فرياد تي کپرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ ٻين خلاف اغوا ۽ زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ڄامشورو ٿاڻي تي مبينا طور اغوا ٿيل قاسم آباد جي خالد هائوسنگ سوسائٽي جي  رهواسڻ 20 ورهين جي سيد آمنه شاهه جي اغوا جي ايف آءِ آر سندس ڀاءُ عبدالقادر شاهه جي فرياد تي داخل ڪئي وئي.

ايف آءِ آر ۾ کپرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او گلزار مري، هڪ اڻڄاتل عورت ۽ هڪ اڻڄاتل شخص خلاف مبينا داخل ڪيو ويو، جنهن ۾جوابدار گلزار مري تي اغوا ۽ زيادتي جا الزام هنيا ويا آهن

اُن کانسواءِ شاگردياڻي جي وارثن ڪوٽڙي جي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ به درخواست داخل  رائيندي  الزام هنيو آهي ته پهرين ڄامشورو پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان پاسو ڪري رهي هئي، عدالت جي حڪم کانپوءِ اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

 ھوڏانھن  ايس ايس پي ڄامشورو توقير محمد نعيم موجب  ايس ايڇ او کپرو ٿاڻو ڇڏي گم ٿي ويو آهي، جڏهن ته  ايس ايس پي سانگهڙ  ايس ايڇ او کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس موجب گلزار مري شاگردياڻي آمنه شاھ سان مبينا طور تي نڪاح پڻ ڪيو ، ان حوالي سان کين نڪاح نامو پڻ مليو آهي.. ….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*