مسلم ليگ وفاق ۽ پنجاب سطح تي پنهنجا خدشا وزيراعظم عمران خان آڏو اٿارڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

مسلم ليگ وفاق ۽ پنجاب سطح تي پنهنجا خدشا وزيراعظم عمران خان آڏو اٿارڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ق ليگ جي ترجمان ڪامل علي آغا چيو آهي ته عمران خان سٺي ٽيم ناهي ٺاهي سگهيو، اسان دوستي نڀائڻ ڄاڻون ٿا ته دشمني نڀائڻ به اچي ٿي.

مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاق ۽ پنجاب سطح تي پنهنجا خدشا وزيراعظم عمران خان آڏو اٿارڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

مسلم ليگ ق اڳواڻ ڪامل علي آغا چيو ته عمران خان جو ساڳيو رويو رهيو ته ساڻس گڏ هلڻ مشڪل ٿي ويندو.

هن چيو ته  عمران خان اڄ تائين ٽيم نه ٺاهي سگهيو آهي، عمران خان وٽ سٺي ٽيم هجي ها ته حالتون خراب نه ٿين ها.

تحريڪ انصاف جي حڪومت جي اتحادي پارٽي مسلم ليگ ق جي اڳواڻ چيو ته حڪومت طرفان ڪنهن به اشو تي اتحادين سان صلاح مشورا نه ڪيا آهن.

هن چيو ته تحريڪ انصاف ۾ صلاح مشوري جي کوٽ آهي، عمران خان هيٺين ماڻهن سان مشورا نه ڪندو آهي.

ترجمان ڪامل علي آغا چيو ته ڏسڻو آهي ته وزيراعظم اسان جي خدشن کي ڪيئن ڏسي ٿو.

هن چيو ته جيڪڏهن اتحادي کي وزارت ڏني آهي ته وزير کي اختيار به ڏيڻ گهرجن.

ڪامل علي آغا چيو ته اسان دشمني ۽ دوستي ڀرپور نموني نڀائيندا آهيون، اسان جو رويو تبديل نه ٿيو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*